جھونا شاھبندر

جھونا شاھبندر

جھونا شاھبندر

جھونا شاھبندر: هيءُ ٺٽي ضلعي ۾ واقع قديم سامونڊي بندر آهي، عام طرح تاريخ ۾ ’شاهه بندر‘ جو نالو ملي ٿو، جو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي تعمير ڪرايو هو. ’جهونا شاهبندر‘ وارو نالو ويجهي ماضيءَ جو آهي. آڪٽوبر 1993ع ۾ هڪ فرينچ آرڪيالاجسٽ هن ماڳ کي ڏٺو ۽ ڪجهه حصا کوٽائي ڪرايا. هن جي چوڌاري نديءَ جو پاڻي آهي. ’جهونا شاهبندر‘، لاهري بندر، لاڙي بندر، لوهرياڻي بندر، جاکي بندر، اوگها بندر ۽ ديول بندر، هڪ ئي ماڳ جا مختلف نالا هجڻ ڪري، هن ڏس ۾ پڪ سان ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. جهونا شاهبندر ۾ ٽن تعميرات جي نشاندهي ٿي آهي.
(1) قلعو ۽ حاڪم جو محل، (2) مسجد، (3) ڪجهه ٻيون اڏاوتون.
قلعو پڪين سرن جو ٺهيل آهي، جنهن جي ماپ 100x100 ميٽر چورس رٿ آهي. زمين جي مٿاڇري کان 3.30 ميٽر اوچو، ڀتيون 1.70 ميٽر ٿلهيون ۽ هر ڪنڊ تي هڪ برج ٺهيل آهي. قلعي جي لنگهه وٽ ڪجهه ڪمرن ۽ قلعي توڙي ٻين عمارتن جا نشان به مليا آهن. ان عمارت کي وقت جي حڪمران جي رهڻ جي جاءِ سڏيو ويو آهي. عمارت قلعي جي اتر اوڀر واري ڪنڊ ۾ آهي. هي قلعي ۾ هڪ خاص جاءِ آهي، جنهن ۾ ٻارهن ڪمرن جا نشان ملن ٿا. ڪمرا مختلف ماپن ۽ نمونن جا ٺهيل آهن، جيڪي چئن مختلف دورن جي نشاندهي ڪن ٿا. پيڙهه ۾ وڏا پٿر ۽ پاڻي نيڪال لاءِ ناليون پڻ مليون آهن.
مسجد قلعي جي وچ تي ٺهيل آهي، جا پَڪسِري ٿلهي تي ٺاهي وئي هئي. اولاهين ڀت تي محراب ٺهيل آهي. قلعي کان ٻاهر به هڪ مسجد ٺهيل آهي. اها مسجد قلعي جي ڏکڻ- اوڀر ڪنڊ تي 250 ميٽرن جي مفاصلي تي ٺهيل آهي. هيءَ مسجد ٺٽي جي دابگير مسجد جي همعصر ڏسجي ٿي. هن وقت مسجد شهيد ٿيل آهي. فرش تي پيليون ۽ سايون ڪاشيءَ جون سرون استعمال ڪيون ويون هيون.
ٽين عمارت محصول اوڳاڙڻ وارن جي چئي وڃي ٿي. هيءَ عمارت قلعي جي اوڀر ۾ ٺهيل آهي. اها عمارت 3.35 ميٽر زمين جي مٿاڇري کان مٿي اڏيل آهي. عمارت 10 ميٽر ڊگهي (اتر- ڏکڻ) ۽ 8 مير ويڪري (اوڀر -اولهه) ٺهيل آهي. ان کان سواءِ هتي ڇهن ڪمرن جي رهائشي عمارت جا نشان به مليا آهن، جتان ڪوڪا ۽ ڪاشيءَ جا ٽڪرا به مليا آهن. جنڊ جو پٿر، ڏيئا، ٽامي جون ٺهيل سينگار جون پيتيون، ننڍڙا پاٽوڙا ۽ تور جا وٽ به مليا آهن. هي اسلامي دور جو ماڳ آهي. آرڪيالاجي عملي جي مدد سان مڪمل کوٽاين ذريعي گهڻي معلومات ملي سگهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو